شيخ فخرالدين ڪبير

شيخ، فخرالدين ڪبير: شيخ فخر الدين ڪبير بن شيخ ابوبڪر ڪتاني پنهنجي دور (736- 811ع) جو مشهور سنڌي عالم ۽ فاضل هو. هيءُ بزرگ هالا جي مخدومن جو جد امجد ۽ مخدوم نوح رحه جو ستون ڏاڏو هو. هيءَ پهريون بزرگ هو، جنهن کي ‘بوبڪ’ ۾ پنهنجي خانقاهه قائم ڪرڻ جو حڪم مليو. نامياري ليکڪ حبيب الله صديقيءَ لکيو آهي ته: “شيخ ابونجيب ۽ شيخ الشيوخ جي اولاد مان هي سنڌي مهاجرين ۽ مبلغين سمن جي صاحبيءَ ۾ ‘پاٽ’ ۾ آباد ٿيا هئا، جتان شيخ فخرالدين ثاني بن شيخ ابوبڪر ڪتاني صديقيرحه کي منڇر ڍنڍ جي ڪناري بوبڪ ۾ خانقاهه قائم ڪرڻ جو حڪم مليو، جنهن جي تعميل ۾ هيءَ خاندانبوبڪ’ منتقل ٿي ويو.”


هن صفحي کي شيئر ڪريو